ٽي وي، فلم ۽ اسٽيج اداڪار قوي خان جي جنازي نماز اڄ ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا جي جامع مسجد ڪوپر روڊ تي ٻيپهريءَ جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته قوي خان جي تدفين ڪينيڊا ۾ ئي ڪئي ويندي.
عظيم اداڪار ڪينسر جي مرض سبب 80 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينيڊا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
ٽي وي، فلم ۽ اسٽيج اداڪار قوي خان جي جنازي نماز اڄ ڪينيڊا جي شهر مسي ساگا جي جامع مسجد ڪوپر روڊ تي ٻيپهريءَ جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته قوي خان جي تدفين ڪينيڊا ۾ ئي ڪئي ويندي.
قوي خان جي پٽ عدنان قوي خانگي ٽي پوي سان ڳالهائيندي چيو ته ليجنڊ اداڪار جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ آڪٽوبر 2022 ۾ سندس وٽ ڪينيڊا آيو هو.
اداڪار قوي خان ڪينيڊا جي شهر وان جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين طرفان مشهور اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.