پاڪستان شوبز جي سينيئر اداڪارا عفت عمر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي ڪنهن به شعبي ۾ مردن جي برابر معاوضو نٿو ادا ڪيو وڃي.
ويجهڙ ۾ ئي لاهور ۾ عورت مارچ ڪيو ويو جتي عام عورتن سميت شوبز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.
هن مارچ ۾ اداڪارا عفت عمر به شرڪت ڪئي جنهن جي پلي ڪارڊ جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي بحث جو سبب بڻجي وئي آهي.
ان پلي ڪارڊ ۾ لکيل هو ته جڏهن ڪم پورو ته اُجرت اڌ ڇو؟ جنهن تي سوشل ميڊيا جي واهپيدارن جي طرفان به تبصرا ڪيا پيا وڃن.