عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جو فائل اڳوڻو سي سي پي او غلام محمود ڊوگر پاڻ سان گڏ کڻي ويو.
عمران خان تي وزيرآباد ۾ ٿيل حملي جي جاچ اڳوڻي سي سي پي او لاھور غلام محمود ڊوگر جي سربراھي ۾ ٺھيل جي آءِ ٽي ڪري رھي ھئي، پي ٽي آءِ جي پنجاب ۾ حڪومت ختم ٿيڻ بعد نگران حڪومت واقعي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي ٺاھي ھئي جنھن کي اڃا تائين فائل نھ ملي سگھيو ھو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جو فائل اڳوڻو سي سي پي او لاھور غلام محمود ڊوگر پاڻ سان گڏ کڻي ويو ھو، نئين جي آءِ ٽي جاچ لاءِ ڪيترائي ڀيرا فائل گھريو ھو پر فائل نھ مليو ۽ ان ڪري ڪيس جي جاچ بھ شرو نھ ٿي سگھي.
ٻئي طرف اڳوڻو سي سي پي او لاھور غلام محمود ڊوگر نئين جي آءِ ٽي کي پنھنجي بيان جي ذريعي تصديق ڪندي چيو تھ جاچ جو فائل ھو نھ ٿو ڏئي سگھي ڇو تھ ياسمين راشد عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، جڏھن ھاءِ ڪورٽ فيصلو ڪندي تڏھن ھو فائل ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ نئين جي آءِ ٽي آر پي او راولپنڊي خرم علي شاھھ جي سربراھي ۾ جوڙي وئي آھي جنھن دھشتگردي ٽوڙ عدالت سان ڪيس جو فائل نھ ملڻ تي رابطو ڪيو آھي.