پاڪ فوج، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا الزام ڪوڙا، بي بنياد ۽ مذمت جوڳا قرار ڏنا آهن، ترجمان جو چوڻ آهي ته سياسي مقصدن لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيليجس آفيسرن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سياسي اڳواڻ اهي ڪوڙا الزام مڙهڻ بند ڪن ۽ الزامن بدران قانوني رستو اختيار ڪن.
جاري ڪيل بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوت انتهائي بي بنياد الزام مڙهيا.
ترجمان چيو ته لاڳاپيل سياسي اڳواڻن کي چئون ٿا ته اهي ڪوڙا الزام مڙهڻ بند ڪن ۽ الزامن بدران قانوني رستو اختيار ڪن.
آءِ ايس پي آر چيو ته حاضر سروس آفيسر تي بنا ثبوت الزام مذمت جوڳا ۽ غير ذميواراڻا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سياسي مقصدن لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
ترجمان چيو ته هٿ ٺوڪيا ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام مذمت جوڳا آهن.
آءِ ايس پي آر طرفان چيو ويو ته هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيليجس آفيسرن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته بي بنياد الزامن تي ادارو قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو.