سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته عمران خان جا ڪيل واعدا هو پورا ڪندو، اسٽريٽ ڪرائيم کي ختم ڪري سگھجي ٿو.
گورنر ڪامران ٽسوري رات دير سان نارٿ ناظم آباد پهتو جتي هن شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ مستحق ماڻهن۾ سحري جا پيڪيٽ ورهايا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته گيس جي بندش خلاف ايم ڊي سئي سدرن کي آگاهي ڏني آهي، جيڪڏهن گيس نٿي اچي ته بل به نه موڪليو.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم کي ختم ڪري سگھجي ٿو، چار ڏينهن لاءِ آءِ جي کي اختيار ڏنا وڃن، هن جي ڪوآرڊينشن سان پنجين ڏينهن ڪابه واردات نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته عوام وچ ۾ وڃڻ تي اعتراض ڪندڙ پاڻ عوام جي وچ ۾ ناهن ويندا، تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته اوهان صرف گورنر هائوس تائين محدود رهو.
ڪامران ٽسوري وڌيڪ چيو ته عمران خان جيڪي به واعدا ڪيا اهي هو پورا ڪندو.