اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي جي نيب نوٽيس خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ عمران خان ۽ بشريٰ بيبي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته نيب نوٽيس ۾ ناهي ٻڌايو ويو ته ڪهڙي حيثيت ۾ ڄاڻ گهري پئي وڃي، فيصلا اچي ويا، نوٽيس جي مڪمل ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي.
هن چيو ته مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ نيب لاءِ لازمي آهي.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته عمران خان کي نوٽيس آيا آهن؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ها نوٽيس اچي ويا آهن.
اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي جي نيب نوٽيس خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.