پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاريءَ تي امريڪا جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
امريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته کين عمران خان جي گرفتاري بابت ڄاڻ آهي.
هن چيو ته جيئن ته اڳ ئي چئي چڪا آهن ته امريڪا ڪنهن به هڪ سياسي اميدوار يا جماعت تي پوزيشن ناهي رکندو، هو سڄي دنيا ۾ جمهوري قدرن جو احترام ۽ قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪن ٿا.
امريڪي ترجمان زور ڀريندي چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي مظاهرين پرامن طريقي سان شڪايتن جو اظهار ڪن جڏهن ته عملدار به حقن ۽ جمهوري اصولن موجب تحمل سان جواب ڏين……