سپريم ڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ کي غيرقانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي ساڍي چئين وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالتي حڪم بعد اسلام آباد پوليس سخت سڪيورٽي ۾ عمران خان کي سپريم ڪورٽ پهچايو ته ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي.
ٻڌڻي دوران عمران خان کي روسٽرم تي گهرايو ويو.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان کي ڏسي خوشي ٿي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمران خان جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏيندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهون ٿا ته عمران خان جي گرفتاري غيرقانوني آهي.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙا ليڊر وري ٻيهر ڪڏهن به نه ايندا، انهن جي مارجڻ تي به حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون.
چيف جسٽس چيو ته اوهان جي گرفتاريءَ تي ملڪ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا آهن، چاهيون ٿا ته اوهان وڳوڙن جي پاڻ مذمت ڪريو.
عمران خان چيو ته کيس هائيڪورٽ مان اغوا ڪيو ويو، اهو به نه ٻڌايو ويو ته سندس ڏوهه ڪهڙو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته کيس ڏنڊا هنيا ويا، ان کانپوءِ خبر ناهي ڇا ٿو آهي.
عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي : عرفان قادر
وزيراعظم جي خاص مددگار عرفان قادر چيو آهي ته عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عدليه جو ڪم ناهي، ججن واري...