عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ وڳوڙن جي الزام ۾ سڄي ملڪ مان سوين پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پنجاب ۾ هنگامن کانپوءِ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.
ڪراچي پوليس موجب سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان 250 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ به شامل آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج دوران بس ساڙيندڙ ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڪي پي جي گاديءَ واري شهر پشاور مان 30 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب پنجاب ۾ وڳوڙين جي ڪاررواين دوران 130 آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿيا آهن.
پنجاب پوليس موجب وڳوڙين پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي 25 کان وڌيڪ گاڏين کي ساڙيو، وڳوڙين 14 کان وڌيڪ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا.