اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پاڪستان جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو بيان سامهون اچي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال جو نوٽيس ورتو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سمورين ڌرين کي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ترجمان موجب انتونيو گوتريس پرامن اجتماع جي حق جو احترام ڪرڻ ۽ عمران خان خلاف قانون جي عملداري ۾ قانون جي احترام تي زور ڏنو.