ريلوي وارو وزير خواجا سعد رفيق، تحريڪ انصاف سان ڳالهيون نه ڪرڻ واري پنهنجي پارٽي جي موقف جي مخالف، سندس چوڻ آهي ته هو ڳالهين جي حق ۾ آهي، پارٽي ۾ راءِ به ڏئي چڪو آهي پر عدم اعتماد جي ماحول ۾ ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟، عمران خان سياست کي چڙ ڏياريندڙ بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، بهرحال عدم اعتماد ۽ تڪرارن باوجود ملڪ لاءِ هڪٻئي سان ڳالهين ۾ ئي بهتري آهي، ڳالهين ۾ ايجنڊا ون پوائنٽ نه پر آئيني هئڻ گهرجي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته هو ڳالهين جي حق ۾ آهي پارٽي اندر راءِ به ڏئي چڪو آهي پر گارگند، سازشون ۽ الزام سان ماحول عمران ڪمپني خراب ڪيو.
سندس چوڻ هو ته عدم اعتماد جي ماحول ۾ ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ جيڪڏهن ڳالهيون ٿي به وڃن ته نتيجو ڏيندڙ ڪيئن ٿينديون؟.
ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو ته عمران خان سياست کي چڙ ڏياريندڙ بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي هاڻي هو پنهنجي ڪيل ڀوڳي رهيو آهي، بهرحال عدم اعتماد ۽ تڪرارن باوجود ملڪ لاءِ هڪٻئي سان ڳالهين ۾ ئي بهتري آهي، ڳالهين ۾ ايجنڊا ون پوائنٽ نه پر آئيني هئڻ گهرجي.