ماحوليات واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان طرفان حاضر سروس فوجي ۽ انٽيليجنس عملدارن تي الزام افسوس ۽ مذمت جوڳا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته عمران خان بار بار حساس ادارن تي الزام مڙهي رهيو آهي، جيڪو خطرناڪ آهي، اهڙا الزام بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ آهن، جنهن سان هو پنهنجن ڪارڪنن کي ڀڙڪائي رهيو آهي.
هن چيو ته عمران خان بنا ثبوتن جي الزام مڙهي رهيو آهي، هڪ طرف ادارن تي الزام ۽ ٻئي پاسي انهن سان ملاقاتن جي درخواستون پيو ڪري.
شيري رحمان چيو ته عمران خان گذريل سال 3 نومبر تي حملو ٿيو، جنهن جي هنن مذمت ڪئي، جنوري ٻارهن تائين پنجاب ۾ سندن حڪومت قائم هئي، ان حملي جي ڪهڙي جاچ ڪئي؟.