اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان عدالتن کي منهن ڏي، کيس ڊڄڻ يا ڀڄڻ نه گهرجي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.
جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرادري چيو ته 14 سال هو جيل ۾ رهيو پر ڪنهن به جيالي کي قانون هٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني.
هن چيو ته عمران خان جي گرفتاريءَ بعد شهرن ۾ ٿيل هنگاما افسوس ۽ شرم جوڳا آهن.
آصف علي زرداري چيو ته سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.
اڳوڻي صدر چيو ته پ پ جي اڳواڻن پنهنجي سڄي سڄي ڄمار جيلن ۾ گذاري ڇڏي پر قانون هٿ ۾ کنيو.
آصف زرداري چيو ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين عدالتن کي منهن ڏي کيس ڊڄڻ يا ڀڄڻ نه گهرجي.