اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان عدالت جي حڪم باوجود پيش ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، زمان پارڪ ۾ پوليس اهلڪارن تي پئٽرول بم اڇلائي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، عمران خان پيغام ڏنو آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو بدمعاش آهي، آئين ۽ قانون کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ملڪي تاريخ ۾ وڏن ليڊرن به عمران خان جهڙيون حالتون پيدا نه ڪيون آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستاني بال ٺاڪري آهي، جيڪو ڪم شو سينا ڀارت ۾ ڪندي آهي اهو پي ٽي آءِ هتي پئي ڪري.
هن چيو ته زمان پارڪ ۾ پوليس اهلڪارن تي پئٽرول بم اڇلائي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، عمران خان پيغام ڏنو آهي ته ملڪ جو سڀ کان وڏو بدمعاش آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته آئين ۽ قانون کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ملڪي تاريخ ۾ وڏن ليڊرن به عمران خان جهڙيون حالتون پيدا نه ڪيون آهن.
هن چيو ته عمران خان سمورن ماڻهن کي ٽڪيٽون نه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏئي گهرايو، هٿ سان ڊراما ڪيا، ضمانت ان کي ملي جنهن قانون جا بخيا اڊيڙيا ۽ 50 وڌيڪ اهلڪارن کي زخمي ڪيو.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان سدائين طالبان جو ڪيس وڙهندو رهيو، اها ڪنهن کان لڪل ڳالهه ناهي، پ پ جو طالبان خلاف موقف سدائين چٽو رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ضرور آهي پر ان جو سبب عمران خان طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدو آهي.
صوبائي وزير چيو ته ڪيستائين ائين هلندو؟ آئيني صدر ڪهڙي ملڪ ۾ اهڙا بيان ڏيندو آهي، سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف سازشي مهم صدر جو پٽ هلائي رهيو آهي.