وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان ملڪ دشمنن کي خوش ڪرڻ لاءِ ادارن خلاف مهم هلائي رهيو آهي، عدالتن مان پنهنجي مرضي جي تاريخ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عمران خان جو شوڪت خانم اسپتال کانسواءِ ڪنهن اسپتال مان معائنو ڪرايو وڃي ته سڀ واضح ٿي ويندو، عمران خان شوڪت خانم اسپتال کي ڪيستائين پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندو، پيشي ۾ دير جا طريقا استعمال ڪرڻ سان ثابت ٿي ويو ته عمران خان چور آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته عمران خان هڪ روپوش جوابدار ۽ ڪيترن ئي عدالتن کي گهربل آهي، عمران خان عدالتن مان پنهنجي مرضي جي تاريخ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته ضمانت لاءِ مقرر ٿيل تاريخ تي جوابدار جو پيش ٿيڻ لازمي هوندو آهي، عمران خان جو فارن فنڊنگ ڪيس 6 سالن تائين هلندو رهيو.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته عمران خان عدالتن مان رليف وٺڻ جو ماهر ٿي ويو آهي، عمران خان مختلف طريقن ۽ بهانن سان ڪيسن کي ڊيگهه ڏيندو رهيو آهي، عمران خان جو پلستر ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ڄنگهه تي هوندو آهي.
هن چيو ته زخمي ڄنگهه سان ريلي ڪڍي سگهجي ٿي پر عدالت طلب ڪرڻ تي ڄنگهه ۾ تڪليف ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان جو شوڪت خانم اسپتال کانسواءِ ڪنهن اسپتال مان معائنو ڪرايو وڃي ته سڀ واضح ٿي ويندو.
وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو ته عمران خان شوڪت خانم اسپتال کي ڪيستائين پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندو، پيشي ۾ دير جا طريقا استعمال ڪرڻ سان ثابت ٿي ويو ته عمران خان چور آهي، عمران خان ملڪ دشمنن کي خوش ڪرڻ لاءِ ادارن خلاف مهم هلائي رهيو آهي.