رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان پنهنجي بيگناهي عدالتن ۾ ثابت ڪري، اسلام آباد هائيڪورٽ به عمران خان جي گرفتاري قانوني قرار ڏني آهي، ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه جي واقعن تي عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسڪولن کي ساڙيو آهي، اسڪول ساڙڻ دهشتگردي آهي.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نيب عمران خان کي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو، اِهو ڪو معمولي ڪيس ناهي، 60 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جو ڪيس آهي.
هن چيو ته عمران خان جو دور بدترين انتقامي دور هو، هن پنهنجن سياسي مخالفن کي انتقام جو نشاو بڻايو، نوازشريف ۽ شهبازشريف سميت ن ليگ جي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو.
احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه جي واقعن تي عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن اسڪولن کي ساڙيو آهي، اسڪول ساڙڻ دهشتگردي آهي.
وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سرڪاري ملڪيتن ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو.
احسن اقبال چيوته سندن حڪومت ٻٽي معيار تي يقين نه ٿي رکي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان خلاف ڪا سازش ناهي ڪئي وئي، کيس بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽايو ويو.