وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان کي اليڪشن ڪميشن نااهل قرار ڏئي چڪو آهي، توشا خان ڪيس پيسن جي جاچ جو ڪيس آهي، عمران خان عدالتي نوٽيس کي به ڪجهه نه ٿو سمجهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته زمان پارڪ کي نوگو ايريا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هٿياربندن جٿن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي حملا ڪيا.
هن چيو ته عمران خان قانون هٿ ۾ کڻي عدالتي ڪارروائي کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشس ڪئي، زمان پارڪ ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
عطا تارڙ چيو ته جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران عمران خان گاڏيءَ ۾ ويهي ڪارڪنن کي ادارن خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي.
وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته اسلام آباد پوليس تي عمران خان سان گڏ آيل جٿن طرفان شيلنگ ڪئي وئي آهي، بزدل شخص قانون کي منهن ڏيڻ کان گھٻرائي ٿو.
عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف دهشتگرد پارٽي بڻجي چڪي آهي، لاهور کان آيل جٿا پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن، فرد جرم لاڳو ٿيڻ سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن.