مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان کي روزانو ضمانت ملي وڃي ٿي ۽ ڪير پڇڻ وارو به ناهي، جسٽس کوسا، گلزار احمد ۽ ثاقب نثار راند جا اهم ڪردار آهن، عمران خان کي سازش تحت مسيحا بڻائي پيش ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين ڪوڙ ذريعي نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي نشانو بڻايو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر سازش تحت ڊي ريل ڪيو ويو، عمران خان کي سازش تحت مسيحا بڻائي پيش ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي روشنين جي پاڪستان کي عمران خان اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو، تحريڪ انصاف چيئرمين ڪوڙ ذريعي نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي نشانو بڻايو.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عابد شير علي چيو ته عمران خان ملڪ ۾ هر طرح تي ڏڦيڙ پکيڙيو، ڪهڙا ڪردار هئا جن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي نقصان پهچايو؟، آصف سعيد کوسا ۽ ثاقب نثار جيڪو ڪردار ادا ڪيو سڀني جي سامهون آهي.
هن چيو ته عمران خان کي روزانو ضمانت ملي وڃي ٿي ۽ ڪير پڇڻ وارو به ناهي، جسٽس کوسا، گلزار احمد ۽ ثاقب نثار راند جا اهم ڪردار آهن، بدڪردارن پنهنجي عملن سان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون جي قيادت ۽ گهرڀاتين کي ڪيترائي مهينا جيلن ۾ رکيو ويو، نواز شريف جو ڪهڙو ڏوهه هو؟.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عابد شير علي چيو ته بي آر ٽي اسڪينڊل، بلين ٽري سونامي ڪرپشن ڪنهن کي نظر نٿي اچي، ثاقب نثار ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري ڪرپشن جي جاچ ڪئي وڃي، پارليامينٽ کي اپيل آهي ته ثاقب نثار خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو وڃي، آزاد پارليامينٽ اڄ آئين جي حڪمراني لاءِ بيٺل آهي.