پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ۽ مقرر آئيني مدي تي ٿينديون، عمران خان ڳالهيون چاهي ٿو ته آصف زرداري جي تجويز تحت وزيراعظم شهباز شريف وٽ وڃي، بلاول ڀٽو زرداري ڌرين کي ڳالهين جو واضح ۽ هاڪاري پيغام ڏنو آهي، ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي ذميواري جو ثبوت ڏيڻو پوندو، پ پ سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديلي تي يقين نٿي رکي، قومي مفاد ترجيح سمجهي ٿي.
جاري ڪيل بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته عدليا ۾ پنهنجي ورهاست آحي، معزز ججن ۾ اختلاف آهن، سوال اهو آهي ته چئن ججن جي فيصلي کي مڃيو وڃي يا ٽن ججن جي فيصلي کي صحيح مڃيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته فل ڪورٽ يا لارجر بينچ فيصلو ڪري ته ڪهڙو فيصلو درست آهي، سپريم ڪورٽ جو ماضي مثالي ناهي رهيو، ظفر عليشاهه رليف وٺڻ وئي پر رليف آئين ٽوڙيندڙ پرويز مشرف کي ڏنو ويو.
پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته پهريان ته اهو فيصلي ٿيڻ گهرجي ته چار رڪني بينچ وارو يا چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ وارو فيصلو درست آهي اڄ سڄي قوم مونجهاري جو شڪار آهي.
هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ۽ آئين ڪروڙين شهرين جي چونڊيل نمائندن ٺاهي ڏنو آهي، اهڙي اداري کي قانون سازي جو اختيار ناهي.
پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته عمران خان جي موقف ۾ بار بار تبديلي جو تاثر غير ذميوار شخصيت آهي، ذميوار سياستدان جو رويو ناهي، پيپلز پارٽي سياسي مخالفت کي دشمنيءَ ۾ تبديلي تي يقين نٿي رکي قومي مفاد ترجيح سمجهي ٿي..