وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عمران نيازي جي حرڪتن سان سندس فاشسٽ هجڻ ظاهر ٿي ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي شهبازشريف چيو ته ماڻهن کي انساني ڍال بنائڻ کان وٺي پوليس تي پئٽرول بم حملن ۽ عدليا کي ڌمڪائڻ لاءِ جٿن جي قيادت تائين عمران نيازي جو فاشسٽ ۽ شدت پسند هجڻ ظاهر ٿي ويو.
If anyone had any doubt, Imran Niazi's antics of the last few days have laid bare his fascist & militant tendencies. From using people as human shields to throwing petrol bombs at police to leading 'jathas' to intimidate judiciary, he has taken a leaf out of the RSS book.
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) March 18, 2023
هن چيو ته عمران نيازي واضح طور تي ڀارتي انتها پسند پارٽي آر ايس ايس جي پيروي ڪري رهيو آهي.