ڪنري پوليس عدالتي حڪم تي زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو هڻي 17 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو.
عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي ڪنري پوليس زميندار منور پنجابي جي زمين تي ڇاپو هڻي 17هارين کي بازياب ڪرائي ورتو.
بازياب ڪرايل هارين ۾ ڪانجي ڪولھي، شمڀو ڪولھي، رانجھو ڪولھي، شريمتي لڇمي ڪولھي، لڇمي ۽ ريشم سميت معصوم ٻار به شامل آهن.
پوليس بازياب ڪرايل هارين کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
عمرڪوٽ جي عدالت هارين کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.