ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 44هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ تقريبون رٿيل، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ 73ع وارو آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهن، ملڪي سلامتي ۽ آئين خاطر ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس ڏهن ورهين کان ٻڌڻي جو منتظر آهي، جمهوريت مستحڪم ٿئي پئي، مضبوط جمهوريت ئي ملڪ جي بقا آهي.
ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، بلاول ڀٽو زرداري
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، پي ٽي...