سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام عمران خان جي ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪو آهي، ان ڪري سندس گرفتاري تي ناهي نڪتو.
جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان فارين فنڊنگ ڪئي، ان ڪري عوام ناهي نڪتو، هو ذهني مريض آهي جيڪو هر وقت سازش لاءِ تيار رهي ٿو.
هن چيو ته فوج ان لاءِ ناهي هوندي ته فوج جي شهيدن خلاف غليظ مهم هلائي وڃي، عمران خان عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪيو.
مريم اورنگزيب چيو ته ايف آءِ آر عمران خان جي پنهنجي حڪومت نه ڪاٽي، جاچ سندس پنهنجي پارٽي صدر ۽ وڏي وزير نه ڪئي، قاتلاڻي حملي جا الزام نه پر ثبوت عدالت کڻي وڃي.