مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جهٽڪو ڏيندي في يونٽ 3 رپيا 23 پيسا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.
نيپرا ۾ بجلي اگهن بابت ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي، جنهن دوران 3 رپيا 23 پيسا في يونٽ تائين اضافي جي منظوري ڏني وئي.
نيپرا طرفان بجلي جي اگهن ۾ اضافي بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن بعد اضافي بار بجلي واهپيدارن تي پوندو.
نيپرا اٿارٽي چيو ته وفاقي حڪومت جي درخواست جي منظوري کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، بجلي جي اگهن ۾ اضافي سان بجلي جي گهرج گهٽ ۽ چوري وڌي وئي آهي.