- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف کنڊ سميت عام واهپي وارين شين جي سستي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي عام واهپي وارين شين سستي اگهه تي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ کنڊ جي سپلاءِ ۽ قيمت جي ڪنٽرول جي حوالي سان اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، احسن اقبال، احد چيما، راڻا تنوير حسين، علي پرويز ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته کنڊ جي سمگلنگ مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن ۽ سمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي عام واهپي وارين شين سستي اگهه تي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي.
هن چيو ته گذريل مهينن ۾ حڪومت کنڊ جي سمگلنگ تي سخت ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن سان کنڊ سمگلنگ جي خاتمي ۾ مدد ملي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون کنڊ سميت ٻين عام واهپي وارين شين جي سستي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو برداشت نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
