عيد جي موقعي تي شاهه رخ خان ۽ سلمان جي گهرن ٻاهران هزارين مداح گڏ ٿي ويا
شاهه رخ خان اڇي رنگ جي شرٽ پهريندي ٽوئٽ ڪري مداحن کي عيد جي مبارڪ ڏني.
عيد جي موقعي تي شاهه رخ خان جي گهر ٻاهران ڪيترائي مداح جمع ٿيا.
بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان گهر جي ڇت تي بيهي مداحن جا ٿورا مڃيا.
شاهه رخ خان مداحن طرف هٿ لوڏيندي عيد واڌايون ڏيندو رهيو، جنهن دوران هڪ مداح گهر ٻاهران بيٺل گاڏي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڪنگ خان هٿ سان اشارو ڪندي حياتي خطري ۾ وجهڻ کان منع ڪيو.
ٻي پاسي سلمان خان جي ممبئي ۾ گليڪسي اپارٽمينٽ ٻاهران به هزارين مداح جمع ٿي ويا ۽ سندس ديدار لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪندا رهيا.