بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا پريتي زنٽا چيو آھي ته عيد ڪڏھن به مايوس نه ڪندي آھي.
سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽا گرام تي اداڪارا پريتي زنٽا جي طرفان ھڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي جنھن ۾ ھن عيد جي تھوار کي ملھائڻ جي حوالي سان ٻڌايو.
اداڪارا پريتي زنٽا لکيو ته ھو گذريل ھفتي گھڻي مصروف ھئي، ھن وڏي سفر سان گڏ خوشيون ملھايون.
پريتي زنٽا چيو تھ تھوارن جي موقعي تي کيس ڀارت واپس اچڻ پسند آھي ۽ عيد ڪڏھن بھ مايوس نھ ڪندي آھي، کيس دوستن ۽ گھروارن سان گڏ ملڻ ۽ تھوار ملھائڻ پسند آھي.
ھن پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو تھ ھتي عيد جي پارٽي جون ڪجھھ جلھڪيون موجود آھن ۽ ساڻس گڏ سلمان خان جي ڀيڻ ارپيتا خان شرما ۽ سندس مڙس جي ھوءَ ٿورائتي آھي جنھن عيد پارٽي جي دعوت ڏني ھئي.
اداڪارا جي طرفان پوسٽ ۾ ھڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنھن ۾ ھن عيد جو تياريون ڏيکاريون ۽ ٻين اداڪارن سان گڏ تصويرون بھ شيئر ڪيون.
اداڪار سلمان خان جي ڀيڻ طرفان بالي ووڊ اسٽارز کي عيد جي پارٽي جي دعوت ڏني وئي ھئي جنھن ۾ بالي ووڊ جي وڏن اسٽارز شرڪت ڪئي ھئي.