حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، غريب ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، مسلمانن تي ڏکيو وقت هلي رهيو آهي، جيڪي ٻين جي مدد ڪندا هئا اهي اڄ پاڻ مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن، مهانگائي عروج تي هئڻ سبب هر ماڻهو پريشان آهي.
عيدالفطر جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پير جو ڳوٺ پهتل مريدن کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته موسمياتي تبديلي سبب ملڪ کي تباهه گهڻو نقصان پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻيلن جي تباهي سبب موسم ۾ تبديلي ٿي آهي، جيترو ٿي سگهي اوهان وڻ پوکيو ۽ پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريو.
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، غريب ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، مسلمانن تي ڏکيو وقت هلي رهيو آهي، جيڪي ٻين جي مدد ڪندا هئا اهي اڄ پاڻ مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن، مهانگائي عروج تي هئڻ سبب هر ماڻهو پريشان آهي.