تازه ترين
غزه ۾ عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 12 يرغمالي جڏهن ته اسرائيل 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو حماس ترجمان ايلون مسڪ کي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب ٿيل تباهي جو جائزو وٺڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو قلات ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا پي ٽي آءِ چيئرمين، پارٽي چيئرمين شپ تان هٿ کڻي ويو پسند جي پرڻي لاءِ چئن ٻارن سان ڀارت ويندڙ سيما حيدر مڙس ٻارن جي واپسيءَ لاءِ حڪومت کي مدد جي اپيل ڪئ... پاڪستاني ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کان پيسا وٺندڙ سنڌ پوليس جي چئن اهلڪارن معطل ڪري گرفتار ڪري ... هر پارٽي پنهنجو منشور کڻي چونڊ مهم هلائي ۽ عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي: فيصل ڪريم ڪنڊي توانائي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سيف الله ابڙو کي عهدي تان هٽائي اعظم نظير تارڙ کي ڪم... سائفر ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ٽرائل ٿيندو، عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد

اسرائيلي حملن سبب شهيد فلسطينن جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي، غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا.

غزا تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن بمباري ڪئي، جنهن سبب 70 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

اولهه ڪناري ۾ غزا جي شهرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ڪڍيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان سورهن فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزا تي به ٽئنڪن سان چڙهائي ڪئي وئي آهي.

اسرائيلي بمباريءَ بعد يرغمال اسرائيلين جا لاش به ملڻ رهيا آهن، ٻئي پاسي يهودي آبادڪار به فوج جي موجودگيءَ ۾ هٿين خالي فلسطينين تي گوليون هلائي رهيا آهن.

عرب ٽي وي اسرائيلي فوج جي ڪوڙ جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جاچ رپورٽ سان ثابت ڪيو ويو  ته جن چئن فلسطينين کي گوليون هنيون ويون، اهي هٿين خالي هئا.

هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 2 هزار تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به شامل آهن.

حملن ۾ 7 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته 4 لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن.

لبناني سرحد تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۽ فائرنگ سبب هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

لبنان تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج جي ٿاڪن تي فائرنگ ڪئي، حماس جي حملن ۾ تيرهن سئو اسرائيلي مارجي چڪا آهن.

اسرائيلي ميڊيا حماس هٿان يرغمال ٻارن جي وڊيو جاري ڪئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حماس جا ڪارڪن ٻارن جي مرهم پٽي ڪري کيس کيڏائي رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون