تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي حملن سبب شهيد فلسطينن جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو آهي، غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا. غزا تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن بمباري ڪئي، جنهن سبب 70 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اولهه ڪناري ۾ غزا جي شهرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ڪڍيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان سورهن فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزا تي به ٽئنڪن سان چڙهائي ڪئي وئي آهي. اسرائيلي بمباريءَ بعد يرغمال اسرائيلين جا لاش به ملڻ رهيا آهن، ٻئي پاسي يهودي آبادڪار به فوج جي موجودگيءَ ۾ هٿين خالي فلسطينين تي گوليون هلائي رهيا آهن. عرب ٽي وي اسرائيلي فوج جي ڪوڙ جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جاچ رپورٽ سان ثابت ڪيو ويو  ته جن چئن فلسطينين کي گوليون هنيون ويون، اهي هٿين خالي هئا. هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 2 هزار تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به شامل آهن. حملن ۾ 7 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته 4 لک کان وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن. لبناني سرحد تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۽ فائرنگ سبب هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 زخمي ٿي پيا. لبنان تي اسرائيلي حملي جي جواب ۾ لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي فوج جي ٿاڪن تي فائرنگ ڪئي، حماس جي حملن ۾ تيرهن سئو اسرائيلي مارجي چڪا آهن. اسرائيلي ميڊيا حماس هٿان يرغمال ٻارن جي وڊيو جاري ڪئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حماس جا ڪارڪن ٻارن جي مرهم پٽي ڪري کيس کيڏائي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون