تازه ترين

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 14 سئو کان وڌي ويو

غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 14 سئو کان وڌي ويو، جن ۾ ساڍا چار سئو ٻار ۽ 248 عورتون شامل آهن،  جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين پاڻي ۽ ٻارڻ فراهم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ريڊ ڪراس موجب غزا جي اسپتالن ۾ بجلي فراهمي بند ٿيڻ واري آهي، جنهن ڪري اسپتالون مرد خانن  ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آهي.

غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن، خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اتي صورتحال بدترين ٿيندي پئي پئي.

غزا جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيلي بمباري سان 14 سئو 17 شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 6 هزار کان وڌيڪ زخمي هن.

شهيدن ۾ ساڍا چار سئو بار  ۽ اڍائي سئو عورتون شامل آهن.

عالمي ريڊ ڪراس ڪميٽيءَ خبردار ڪيو آهي ته غزا جي اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اهي مرده خانن ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي.

غزا جي پٽيءَ جي اڪيلي بجلي گهر ٻارڻ جي کوٽ سبب اربع ڏينهن ڪم بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي غزا ۽ اتان جون اسپتالون جنريٽرن تي هلي رهيون آهن، جنهن لاءِ تيل جي ضرورت آهي.

ريڊ ڪراس جي وچ اوڀر بابت علائقائي ڊائريڪٽر  موجب ڇڪتاڻ سبب پيدا ٿيل انساني صورتحال خراب آهي، هو ڌرين کي درخواست ٿو ڪري ته شهرين جون ڏکيائيون گهٽ ڪيون وڃن.

هن چيو ته غزا ۾ بجلي جي کوٽ سبب اسپتالن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سان تازن ڄاول ٻارن کي انڪيوبيوٽر ۽ وڏي عمر جي مريضن کي آڪسيجن تي رکڻ جو خطرو آهي، گڙدي جي ڊائلاسز بند ٿي ويندي آهي.

اسرائيل يرغمالين جي آزاديءَ تائين غزا کي بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسرائيلي توانائي واري وزير ڪاٽز موجب غزا جو گهيرو ان وقت  تائين ختم نه ڪيو ويندو جيتائين اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ٿو ڪيو وڃي.

هن چيو ته يرغمالين جي آزاديءَ تائين ڪو به واٽر هائيڊرنٽ نه کوليو ويندو نه ئي ٻارڻ جي ڪا ٽرڪ غزا ۾ داخل ٿيندي.

هوائي ۽ سامونڊيءَ بمباري کانپوءِ اسرائيل غزه ۾ زميني آپريشن جي ڌمڪي ڏيندي ٽي لک ريزرو فوجي غزه جي سرحد تي موڪلي ڇڏيا  جڏهن ته هٿيارن سان ڀريل امريڪي جهاز به اسرائيل پهچي ويو.

غزا ۽ اسرائيل جنگ واري معاملي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائوسنل جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته  غزا ۾ اسرائيلي هوائي حملن سبب 3 لک 38 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، غزا ۾ انتهائي ضروري امداد ۽ دوائن جي فرهامي لاءِ محفوظ رستي جي اجازت ڏيڻ وارن مطالبن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

اسرائيل بمباري ۾ اسلامڪ يونيورسٽي جا ڪجهه بلاڪ، رهائشي عمارتون ۽ بازار ملبي جو ڍير بڻجي ويا

اسرائيل طرفان القسام بريگيڊ جي سربراهه جي گهر تي حملي ۾ سپريم ڪمانڊر محمد الضيف جو پيءُ، ڀاءُ، ڀائيٽو شهيد ٿي ويا.

اسرائيلي بمباري جو جواب ڏيندي حماس به تل ابيب، عسقلان، اشدود، ۽ سيدروت تي راڪيٽ فائر ڪيا.

حماس جي حملن ۾ 22 امريڪي شهرين ۽ 188 اسرائيل فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن حزب الله اسرائيل فوجين کي  نشانو بڻائڻ جا فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا آهن.

حماس جي حملن کانپوءِ تل ابيب جو گورين ايئرپورٽ هوائي ٽريفڪ جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو.

اسرائيل جي موجوده صورتحال ۾ جرمني پنهنجي 5 هزار شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
21 %
2.2kmh
100 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون