غزه تي اسرائيلي جي وحشياڻن حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 5000 کان وڌي ويو، جڏهن ته اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جا غزه تي حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 5 هزارن کان وڌي ويو.
شهيدن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ٻار ۽ 11 سئو کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.
اتر لبنان تي به اسرائيل راڪيٽن سان حملا ڪيا آهن، اسرائيلي سرحدي پٽي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته علائقي تي ڊرون جون اڏامون پڻ جاري آهن.