تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

غزه ۾ اسرائيلي فورسز جو بيگناهه فلسطينين تي بربريت جو سلسلو جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42 فلسطيني شهيد، 107 زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فورسز جو بيگناهه فلسطينين تي بربريت جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻيا. عرب ميڊيا موجب، يهودي هوائي فوج گهرن ۽ پناهگير ڪيمپن کي نشانو بڻايو، اتر غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ 6 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. عرب ميڊيا موجب، خان يونس ۾ بمباري سبب ٻار سميت 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته غزه ۾ ڪاليج ۽ رهائشي عمارت تي اسرائيلي بمباري سبب 9 ڄڻن شهادت جو جام پيتو. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فورسز جي ڪارروائي دوران گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42 فلسطيني شهيد ۽ 107 زخمي ٿيا. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 40 هزار 861 فلسطيني شهيد ۽ 94 هزار 398 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي بابت امڪاني معاهدو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ڪري تباهه ٿيو. هوڏانهن سوئزرلينڊ جي حڪومت حماس تي پابندي بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خابرو اداري موجب پابندي واري قانون جي مسودي ۾ حماس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مسودي ۾ پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ قيد يا ڏنڊ جي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي. خابرو اداري موجب حماس تي پابندي لڳائڻ واري قانون جو مسودو منظوري لاءِ پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون