غوثپور ۾ عيد تي مائٽن وٽ گهمڻ لاءِ آيل رستم واسي نوجوان کي هٿيار بند اغوا ڪري ويا.
رستم شهر مان گذريل ڏينهن نوجوان احسان پنهوار موٽرسائيڪل تي غوثپور مائٽن ڏانهن گهمڻ لاءِ اچي رهيو هو ته کيس هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع غوثپور پوليس کي ڏئي ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي اغوا جو اطلاع مليو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.