غوثپور جي ڳوٺ قبول اوڳاهي ۾ ڪارنهن تڪرار تان اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل ٽن ڀائرن سميت چئن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
مسمات تاج خاتون زال سڪندر اوڳاهي جي فرياد تي اوڳاهي برادري جي 11 ڄڻن خلاف ڪچو ڪيٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
تاج خاتون اوڳاهي موقف اختيار ڪيو ته شاھد حسين وارن سان ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ ھو.
هن چيو ته ٻھ ھفتا اڳ شاهد حسين پنھنجي ساٿين سان گڏجي ھٿيارن سميت سندن گھر تي حملو ڪري ٽن ڀائرن اميد علي، سعيد علي ۽ محمد علي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڀاڄائي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
سندس چوڻ هو ته اھڙي واقعي بعد پوليس ٻن ھفتن تائين ڏوھارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آھي نه ئي ڪنھن کي گرفتار ڪيو.
تاج خاتون اوڳاهي چيو ته پوليس مخالف ڌر کان رشوت وٺي ڪارروائي نٿي ڪري جنھن لاءِ هنن ڪورٽ جو دروازو به کڙڪايو آھي.