تازه ترين

غيرقانوني ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي: گهرو وزير سرفراز بگٽي

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته غيرقانوني ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ قطعي پلان تيار ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته غيرقانوني رهندڙن کي ڪڍڻ لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، پرڏيهين کي ڪڍڻ جا خرچ صوبائي حڪومتون برداشت ڪري رهيون آهن، سينٽرن ۾ طبي سهولتون ۽ کاڌو فراهم ڪيو ويندو.

هن چيو ته هولڊنگ سينٽرز ٺاهيا آهن، غيرقانوني رهندڙن کي اتان واپس موڪليو ويندو، ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي انتهائي عزت ۽ احترام سان رکيو ويندو، پهرين نومبر کان پوءِ غير قانوني رهواسين جي معاملي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي.

نگران گهرو وزير چيو ته جيترا به غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا، نادرا ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، جن غير قانوني شناختي ڪارڊ ٺاهي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي اين اي ڪنداسين.

هن چيو ته اهو تمام مشڪل ڪم آهي، سمورن صوبن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ هو پنهنجي حدن ۾ سينٽر قائم ڪندا، جيڪو به هتي قانوني طريقي سان اچڻ چاهي ٿو، ان کي ڀليڪار ڪيو ويندو.

سرفراز بگٽي چيو ته جنهن کي پاڪستان اچڻو آهي اهو ويزا وٺي پوءِ اچي، هو  احسان ۽ مهمانن کي نه وساريندا آهن.

هن چيو ته غير قانوني رهواسين جا ٻه قسم آهن، هڪ اهي آهن جن وٽ ڪو به دستاويز ناهي، ٻيو اهي آهن جن وٽ نادرا کان شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏني وئي.

نگران گهرو وزير چيو ته ملڪ مان بي دخل ٿيندڙ شهرين جي هر خاندان کي وڌ ۾ وڌ 50 هزار روڪ رقم پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
3.8 ° C
3.8 °
3.8 °
31 %
1kmh
0 %
اربع
4 °
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °

تازه ترين خبرون