تازه ترين

غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري

سنڌ سميت سڄي ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ٻين شهرن مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي شروع ٿي وئي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو آپريشن سستي رفتاري جو شڪار آهي.

حڪومت طرفان افغاني پناھگيرن کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود ڪنب ۾ پوليس افغانين جي نيڪاليءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.

شھرين پاران اطلاع ڏيڻ بعد باوجود پوليس پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي.

سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي افغانين جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو ويو.

مورو ۾ انتظاميا غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه ورتو جنهن سبب افغانين ديرا ڄمائي ڇڏيا.

دادو چوڪ مورو وٽ جوتا پالش ڪندڙ افغاني کي نادرا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري  ڇڏيو.

سڃاڻ ڌرين ضلعي انتظاميا، پوليس آفيسرن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوٽ پالش ڪندڙ افغاني کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي لڪيل افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون