فاسٽ اينڊ فيوريئس فلم ۾ گاڏين وچ ۾ ٿيل ٽڪر ڳڻڻ تي 1000ڊالر انعام جو اعلان ڪيو ويو آھي.
فائنانس بز نالي ويب سائيٽ ھڪ دلچسپ اعلان ڪيو آھي تھ فاسٽ اينڊ دي فيوريئس نالي فلم جا 10ئي پارٽ ڏسڻ ۽ فلم سيريز ۾ گاڏين وچ ۾ ٿيندڙ سمورا ٽڪر نوٽ ڪن، ڪمپني چاھي ٿي تھ فلمن ۾ اسپورٽس ڪارن ۾ ٽڪر، حادثن، ان جي نوعيت ۽ گاڏين جي ماڊل کي نوٽ ڪيو وڃي ۽ ڪارن ۾ ٽڪرن سبب ٿيل نقصان جي نوعيت بھ نوٽ ڪرڻي پوندو.
فائنانس بز جي موجب ان ڊيٽا سان لاپرواھي سان ڪار ڊرائيونگ، ان جي نقصانن ۽ ڪار انشورنگ تي پوندڙ اثر ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي.
خوشنصيب شخص کي نھ رڳو 1000 ڊالر ڏنا ويندا پر فلم جا 9ئي پارٽ ڏسڻ لاءِ 100ڊالر بھ ادا ڪيا ويندا، اھڙي طرح اھي 100 ڊالر ادا ڪري فلم جا سمورا پارٽ اسٽريم جي ذريعي گھر ويھي ڏسي سگھجن ٿا…..
فائنانس بز نالي ويب سائٽ تي فلم ڏسڻ جا اميدوار 9مئي تائين درخواست ڏئي سگھن ٿا.