گڏيل عرب امارتن جي ايئرلائن فلاءِ دبئي جو چوڻ آهي ته هڪ سال جي عرصي دوران ايئرلائن ۾ 12 سئو نوان ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن، هلندڙ سال به وڌيڪ نوان ملازم رکيا ويندا.
هڪ ويب سائٽ جي مطابق فلاءِ دبئي جو چوڻ آهي ته گذريل سال 2022 جي دوران مختلف شعبن ۾ 12 سئو نوان ملازم ڀرتي ڪيا، ملازمن جي مجموعي تعداد چار هزار 600 کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي.
ان حوالي سان فلاءِ دبئي جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جي دوران به نوان ملازم ڀرتي ڪيا ويندا، ڪمپني پنهنجو ڪاروبار وڌائي رهي آهي جڏهن ته نوان جهاز به فليٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
فلاءِ دبئي جي مطابق ڊسمبر 2022 جي آخر ۾ اسان جي جهازن جي تعداد 71 تائين پهچي چڪي آهي، 115 کان وڌيڪ ايئرپورٽس جي لاءِ اڏامون هلايون پيون وڃن.