فلسطين ۾ اسرائيلي فوسز جون پر تشدد ڪارروايون جاري آهن، والاريل اولهه واري ڪناري تي اسرائيلي فورسز وڌيڪ ٻن فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
فلسطيني خابرو اداري موجب اسرائيلي فورسز نابلس جي ڳوٺ ۾ ڪارروائي دوران فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف اسرائيلي فورسز الزام لڳايو آهي ته اهي ٻئي فلسطيني هٿياربند هئا ۽ يهودي آبادڪارن تي حملو ڪرڻ چاهين پيا.
واضح رهي ته هلندڙ سال اسرائيلي فورسز جي ڪارروائين ۾ هن وقت تائين 96 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.