پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌمڪيون ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هڪ اردو ويب سائٽ جي مطابق گذريل ڏينهن لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي ميمبرن کي ۽ خاندان کي وارننگ ٿا ڏيون ته جيڪڏهن اسان تي زيادتين جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته اسين به چپ نه رهنداسين.
هن چيو ته اسان گهڻو صبر ۽ احتياط ڪيو پر هي معاملو ائين ناهي، هي ماڻهو جيڪي نگران حڪومت ۾ آهن پوءِ ڀلي وزيراعليٰ هجي، اليڪشن ڪمشنر هجي يا ٻيا ماڻهو هجن اوهان هتي ٽن يا چار مهينن يا سال لاءِ آهيو، اوهان جو پيڇو اسان ان وقت تائين ڪنداسين جيستائين اوهان قرار سزا نه ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته اسلام آباد پوليس، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي طرفان ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪرايل مقدمي جي بعد فواد چوڌري کي لاهور واري گهر مان رات دير سان گرفتار ڪيو.