لاهور جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.
عدالت فواد چوڌري کي اسلام آباد وٺي وڃڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي.
لاهور مان گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
فواد چوڌري کي جوڊيشل مئجسٽريٽ راڻا مدثر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس طرفان فواد چوڌري کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ راهداري رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي.
عدالت ڪجهه دير پهريان ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي فواد چوڌري جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي.