سڌ سما جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سياسي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته تحريڪ انصاف جي پوري قيادت جيل ۾ هجي ها.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي ناهي، عمران خان جي دور ۾ سياسي گرفتاريون ڪيون ويون.
مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته فواد چوڌري جي خلاف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ايف آءِ آر درج ڪرائي آهي، 9 مهينن کان اسين حڪومت ۾ آهيون ۽ تحريڪ انصاف زبان درازي ڪري رهي آهي، عمران خان جي دور ۾ پيءُ جي سامهون ان جي ڌيءُ کيي گرفتار ڪيو ويو، اُهو سياسي انتقام هيو، شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو .
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته لائن ڪيستائين ڪڍڻي آهي، پاڪستان جي فوج جي خلاف پارٽي جي ٽوئٽر اڪائونٽس تي مهم هلائي وئي، هي آئيني ادارن کي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن ته اسان جي ليڊر جي خلاف فيصلو ٿيو ته جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏينداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي ادارن کي ڌمڪي ڏيڻ جي اجازت ڏني وئي ته پوءِ سموري عوام کي اهو حق هجڻ گهرجي.