تازه ترين

فوجي تربيت ۾ نشاني بازي بنيادي حيثيت رکي ٿي، بهترين نشانو هڪ فوجي جو شان آهي : آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوجي تربيت ۾ نشاني بازي بنيادي حيثيت رکي ٿي، بهترين نشانو هڪ فوجي جو شان آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان آرمي رائفل ايسوسيئيشن جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب  ٿي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ هوائي فوج جي سربراهه ظهير احمد بابر سڌو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

پاڪ فوج  جي ترجمان چيو ته مقابلن ۾ هٿياربند فوج ۽ مختلف فورسز سميت 2 هزار کان وڌيڪ نشاني بازن حصو ورتو ۽ پاڪ فوج چئني ڪيٽيگرين ۾ مقابلا کٽي ورتا.

آرمي چيف ۽ هوائي فوج جي سربراهه کٽيندڙن ۾ ٽرافيون، ميڊل ۽ ايوارڊ ورهايا.

آءِ ايس پي آر موجب مقابلي ۾ سامونڊي فوج ٻي ۽ هوائي فوج ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، پاڪ فوج کي مجموعي طور چيمپئن ٽرافي سان نوازيو ويو.

جنرل عاصم منير، نشاني بازن جي بهترين مهارت جي واکاڻ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته بهترين  نشانو هڪ فوجي جو شان آهي، فوجي تربيت ۾ نشاني بازي بنيادي حيثيت رکي  ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي آمد تي آءِ جي ٽريننگ سندس آجيان ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون