- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته فيض حميد اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني خلاف ڪنهن به ڪيس ۾ سرڪاري شاهد نه ٿي رهيو آهي.
فيض حميد جي وڪيل بيرسٽر ميان علي اشفاق انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو جن ۾ چيو پئي ويو ته فيض حميد پي ٽي آءِ باني خلاف سرڪاري شاهد ٿي سگهي ٿو.
بيرسٽر ميان علي اشفاق جو چوڻ هو ته اهڙيون اڳڪٿيون بي بنياد ۽ غلط آهن.
ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ بيرسٽر ميان علي اشفاق جو چوڻ هو ته ميڊيا ۽ سياسي تڪن ۾ گردش ڪندڙ انهن اطلاعن ۾ ڪابه صداقت نه آهي جن ۾ چيو پيو وڃي ته فيض حميد پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس ۾ سرڪاري شاهد بڻجڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙيون سموريون خبرون مڪمل طور تي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
بيرسٽر ميان علي اشفاق کان سوال ڪيو ويو ته هن ان حوالي سان فيض حميد سان سڌي ريت ڳالهايو آهي ته هن واضح ها ۾ جواب ڏيڻ بدران چيو ته کيس ان ڳالهه جي حقيقت معلوم آهي، فيض حميد جو پي ٽي آءِ باني خلاف سرڪاري شاهد بڻجڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
فيض حميد ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ مبينا ڳوٺ جوڙ بابت اڳڪٿيون، سرڪاري سرپرستي ۾ ٺهندڙ بيانيو آهي جيڪو 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ورجايو پيو وڃي، انهن واقعن دوران پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ ڪيترين ئي فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا هئا.- Advertisement -
