قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ ناليواري اداڪارا شبيران چنا ۽ سندس ٻه ڌيئرون زخمي ٿي پيون آهن جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ناليواري اداڪارا شبيران چنا پنهنجي ٻن ڌيئرن عيني ۽ ناديا چنا سان گڏ ڪراچي کان ڳوٺ وڃي رهي هئي ته سڪرنڊ شگر ملز ويجهو سندن مهراڻ ڪار ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ اداڪارا شبيران چنا، ۽ سندس ٻه ڌيئرون عيني ۽ ناديا چنا زخمي ٿي پيون.
زخمين کي قاضي احمد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کين پي ايم يو نوابشاهه پهچايو ويو.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ناليواري اداڪارا شبيران چنا ۽ سندس نياڻين جو علاج ڪيو پيو وڃي، سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.