سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ ٻن سينئر ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.
سنڌ ۽ پشاور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
قاضي فائز عيسيٰ طرفان لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس احمد علي شيخ جي نالن تي غور ڪيو وڃي.
هن چيو ته ججن جي مقرري لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو وڃي.