قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري شڪارپور ۾ شاهي باغ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ هاڪي اسٽيڊيم جو دورو ڪري سياسي بينر هٽائڻ ۽ قبضا ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري شڪارپور ۾ شاهي باغ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ هاڪي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو.
قانون واري نگران صوبائي وزير شڪارپور جي هاڪي اسٽيڊيم مان سياسي نالو ۽ بورڊ هٽائڻ جي هدايت ڪئي.
عمر سومري چيو ته هاڪي اسٽيڊيم جو عبدالرحمان شيخ نالو ڇو رکيو ويو آهي ڇا هو هاڪي جو رانديگر هو؟.
قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪندي چيو ته هاڪي اسٽيڊيم تان عبدالرحمان شيخ جو بورڊ هٽايو وڃي، ڪورٽ سڳوري جو به فيصلو آهي ته سرڪاري ملڪيتن تي ڪنهن سياستدان جو پوسٽر ۽ بينر نه لڳايو.
قانون واري نگران صوبائي وزير، شاهي باغ اسٽيڊيم شڪارپور جي حالت خراب ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عمر سومري چيو ته اسٽيڊيم ۾ اسٽريٽ لائٽون ناهن، حالت خراب آهي ۽ رانديگرن جي ويهڻ لاءِ جاءِ ناهي.
قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري، راندين واري صوبائي وزير سان به رابطو ڪري اسٽيڊيم لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو ته راندين واري صوبائي وزير سان ڳالهائي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ ميچز ڪرايا ويندا.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف چاچڙ چيو ته نوجوانن کي سڄي ڪرڪيٽ گرائونڊز جي ضرورت آهي……….