قبي سعيد خان ويجهو ڳوٺ امام الدين مگسي ۾ پيءُ هٿان ڌيءُ قتل ٿي وئي آهي.
ڳوٺ امام الدين مگسي ۾ جوابدار صدر مگسي مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي نياڻي عاصمه مگسي کي قتل ڪري ڇڏيو.
نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار صدر مگسي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
عاصمه مگسي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.