قطر ڀارتي جاسوسن جي استعمال هيٺ الظاهره گلوبل ڪمپني بند ڪري ڇڏي.
ڀارت جي ڳجهي ايجنسين اها دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي طرفان فراهم ڪيل معلومات جي بنياد تي قطري اختيارين الظاهره گلوبل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتي جاسوسن کي پڪڙيو جن جو تعلق ڀارتي نيوي سان آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب انڊين نيوي جي اعليٰ ملٽري ايوارڊ يافته ڪمانڊر پرنيندا تيواري سميت 8 ريٽائرڊ آفيسر قطر ۾ الظاهره گلوبل ٽيڪنالوجيز اينڊ ڪنسلٽنسي سروسز ۾ ملازمت ڪري رهيا هئا.
ڀارتي سامونڊي فوج جي اٺن اڳوڻن آفيسرن کي گذريل سال آگسٽ ۾ اسرائيل جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ قطر جي اسٽيٽ سڪيورٽي بيورو حراست ۾ ورتو هو، گرفتار ٿيلن ۾ 8 نيوي اهلڪار ۽ 2 ڪمانڊوز شامل آهن.
ڀارتي جاسوسن کي قطر ۾ پنهنجي جان جو فڪر آهي ڇو ته امڪاني طور تي کين جاسوسي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملي سگهي ٿي پر ڀارتي اختيارين هن وقت تائين نيوي جي 8اڳوڻن آفيسرن لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي.