قمبر ۾ مڙس پنهنجي گهرواري کي مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب قتل ڪري ڇڏيو آهي.
ڊرگهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتوحل چانڊيو ۾ جوابدار شير محمد گراماڻي پنهنجي گهرواري انور خاتون کي مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب تشدد بعد گولي هڻي قتل ڪيو.
جوابدار شير محمد، گهرواري کي قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
38ورهين جي انور خاتون چانڊيو جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار گهرو اڻبڻت سبب پنهنجي گهرواري کي قتل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.